توفيق الطالبين ترجمھ ڪُنوز المعرفت (ڪتاب)

توفيق الطالبين ترجمھ ڪُنوز المعرفت (ڪتاب)

توفيق الطالبين ترجمھ ڪُنوز المعرفت ڪتاب

توفيق الطالبين ترجمھ ڪُنوز المعرفت (ڪتاب): هي ڪتاب سيد محمد راشد روضي ڌڻي جي خليفي محمود فقير نظاماڻي جي ملفوظات ’ڪنوز المعرفت (فارسي)‘ جو سنڌي ترجمو آهي. جيئن ڪتاب جو نالو ئي ڪنوز المعرفت آهي. تيئن ڪتاب جو هڪ هڪ نُڪتو معرفت جي کاڻ آهي. هن ڪتاب جو مرتب خليفو گل محمد هالائي آهي، جنهن کي سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ مولوي حافظ نور محمد ۽ قاضي عبدالقدوس راڄڙ جي مالي سهڪار سان محموديه اڪيڊمي ڪڙيو گهنور شريف، تعلقه گولاڙچي طرفان مير محمد نظاماڻي 1993ع ۾ شايع ڪرايو. پڪي جلد، هڪ رنگي ٽائيٽل ۽ 261 صفحن جي هن ڪتاب جو مقدمو پڻ مير محمد نظاماڻي لکيو آهي، جنهن ۾ هن خليفي محمود نظاماڻيءَ جا مختصر حالات زندگي ڄاڻايا آهن. هن ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو